ڪشمور (ن س )ڪشمور جي عيدگاهه محلي ۾ 13 سالن جي هڪ معصوم ڇوڪري سان مبينا طور اجتماعي زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي.پوليس موجب متاثر ٿيل ڇوڪرو ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه نه ٿو رکي، جڏهن ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ به جنسي زيادتي جي تصديق ٿي چڪي آهي. پوليس ٻڌايو آهي ته زيادتي جي الزام هيٺ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.










