ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي سربراهه محسن نقوي سومر ڏينهن ڀارت کي خبردار ڪيو ته راندين ۾ “جنگ کي ڇڪڻ” صرف ڀارت جي پريشاني ۽ وائڙائپ ظاهر ڪري ٿي. هي بيان هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي انهن تبصرن جي جواب ۾ ڏنو، جن ۾ مودي ڀارت جي پاڪستان خلاف ايشيا ڪپ فائنل ۾ ڪاميابي کي سياسي رنگ ڏيندي چيو هو ته راند جي ميدان ۾ به آپريشن سندور ڪامياب ٿيو آهي. مودي ايڪس (X) تي پنهنجي پوسٽ ۾ ڀارتي ٽيم کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اها “آپريشن سندور” جي توسيع آهي، جيڪو ڀارت پاڪستان خلاف 4 ڏينهن جي فوجي ٽڪراءَ ۾ شروع ڪيو هو. مودي لکيو: “آپريشن_سندور راند جي ميدان ۾، نتيجو ساڳيو ــ ڀارت کٽيو! اسان جي ڪرڪيٽرن کي مبارڪباد.” مودي جي بيان تي ردعمل ڏيندي محسن نقوي چيو: “جيڪڏهن جنگ اوهان جي فخر جو ماپو آهي ته تاريخ اڳ ئي پاڪستان جي هٿان اوهان جون ذلت آميز شڪستون لکي چڪي آهي.” هي ظاهر طور تي انهي فوجي ٽڪراءَ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي ڏانهن اشارو هو. محسن نقوي وڌيڪ چيو: “ڪابه ڪرڪيٽ ميچ انهيءَ حقيقت کي تبديل نٿي ڪري سگهي. راندين ۾ جنگ کي ڇڪڻ صرف بوکلاھٽ کي ظاهر ڪري ٿو ۽ راند جي اصل روح جي توهين آهي.” ياد رهي ته ان کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم محسن نقوي کان فتح جي ٽرافي وٺڻ کان به انڪار ڪيو هو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي تنزلي آهي.










