لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ وچ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نيوزيلينڊ جي دوري ۾ تبديلين بابت ڳالهيون جاري آهن. پي سي بي ۽ نيوزيلينڊ گڏيل طور تي اتفاق ڪيو آهي ته پاڪستاني ٽيم ايندڙ سال جي شروعات ۾ نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ تصديق ڪئي آهي ته معاملا ڪجهه هفتن ۾ طئي ٿي ويندا. پاڪستان جي دوري ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز شامل آهي، جڏهن ته 2 ٽيمون نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا کي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پڪو ڪيو ويو آهي.










