لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽارز قوم ۽ سڄي امت مسلمه کي عيد جون دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله پاڪ سڀني جون قربانيون قبول فرمائي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو ۾ قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته جتي جتي پاڪستاني موجود آهن، انهن سميت سڄي امت مسلمه کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون هجن، اميد آهي ته اوهان جي هي عيد بهترين گذرندي. قومي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان پنهنجي وڊيو پيغام ۾ سڄي قوم کي عيد جي مبارڪباد ڏني. آل رائونڊر فهيم اشرف چيو ته منهنجي طرفان ۽ سڄي پاڪستاني ٽيم جي طرفان اوهان سڀني کي عيد مبارڪ هجي، هن عيد تي پنهنجي چوڌاري ماڻهن جو خاص خيال رکو. فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي چيو ته منهنجي، منهنجي فيملي ۽ قومي ٽيم جي طرفان اوهان سڀني کي عيد مبارڪ، پنهنجو به خيال رکو ۽ پنهنجن رشتي دارن جو به خيال رکو. قومي ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين صائم ايوب قوم کي عيد جي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ’هن ڏينهن کي خوب انجواءِ ڪريو ۽ جيڪي ماڻهو پاڪستان کان ٻاهر ۽ خاص طور تي فيملي کان پري آهن، اهي به هن عيد کي انجواءِ ڪن. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد حارث پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ’الله پاڪ سڀني مسلمانن جون قربانيون قبول فرمائي، ۽ جن ماڻهن هن سال قرباني ناهي ڪئي، اوهان انهن سڀني جو ۽ خاص طور تي پنهنجن رشتي دارن جو خاص خيال رکو. صاحبزاده فرحان چيو ته منهنجي طرفان سڀني کي عيد جي تمام گهڻي مبارڪ هجي، امت مسلمه هن ڏينهن کي خوب انجواءِ ڪري، قربانيون ڪري ۽ ٻين جو به خيال رکي. قومي آل رائونڊر عامر جمال به عيد جي مبارڪباد ڏني، هن چيو ته عيد جي موقعي تي پاڻ به خوش رهو ۽ اهو به يقيني بڻايو ته اوهان جي چوڌاري جا ماڻهو به اوهان مان خوش رهن. ليفٽ آرم اسپنر صفان مقيم چيو ته ’منهنجي طرفان ۽ سڄي ٽيم جي طرفان عيدالاضحيٰ جي تمام گهڻي مبارڪ هجي.‘ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽسمين بابراعظم ’ايڪس‘ تي پنهنجي تصويرون شيئر ڪندي سڄي قوم کي عيد جي مبارڪباد ڏني.










