ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) صوبائي اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت اڳوڻي سنڌ جي آءِ جي سميت 10 جوابدارن کي طلب ڪري ورتو.عدالت ڪيس جي حوالي سان اڳوڻي سنڌ جي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت 10 جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جوابدارن کي 9 جولاءِ تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي جڏهن ته عدالت غير حاضري جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي جي به آگاهي جاري ڪري ڇڏي آهي.ڪيس جي جوابدارن ۾ ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ، اڳوڻو ايس ايس پي تنوير احمد طاهر ۽ ٻيا به شامل آهن. پراسيڪيوشن موجب جوابدارن تي پوليس ملازمن جي پگهارن ۾ غيرقانوني ڪٽوتين جو الزام آهي جنهن ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو به الزام آهي.جوابدارن طرفان ترقياتي منصوبن ۾ خرد برد ۽ سرڪاري فنڊز ۾ بي ضابطگيون به ڪيون ويون. اي جي سنڌ جي اختيارين سان مبينه ملي ڀڳت ڪري پگهارن ۾ ڪٽوتيون ڪيون وينديون هيون.










