ڪربلا جي تپندڙ واريءَ تي وکريل رسولِ پاڪ ﷺ جي نواسي جو رت

ڪربلا جي تپندڙ واريءَ تي وکريل رسولِ پاڪ ﷺ جي نواسي جو رت

غلام مصطفيٰ جمالي
محرم الحرام اسلامي تاريخ جو اهو باب آهي، جنهن ۾ صبر، استقامت، قرباني ۽ حق جي سربلندي جي اهڙي لازوال داستان رقم ٿي، جنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ تمام گهٽ ملي ٿو. هي مهينو اسان کي ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو، جيڪا رسول الله ﷺ جي نواسي حضرت امام حسينؓ ۽ سندن وفادار ساٿين اسلام جي بقا، حق جي حفاظت ۽ انسانيت جي سربلندي لاءِ پيش ڪئي. ڪربلا جو واقعو صرف هڪ تاريخي سانحو نه، پر هڪ دائمي پيغام آهي، جيڪو هر دور جي انسان کي ظلم خلاف بيهڻ، حق تي قائم رهڻ ۽ اصولن خاطر هر قرباني ڏيڻ جو سبق ڏئي ٿو.
رسول الله ﷺ حضرت امام حسنؓ ۽ حضرت امام حسينؓ سان بيحد محبت ڪندا هئا. ڪيترين ئي حديثن ۾ نبي ڪريم ﷺ سندن فضيلت بيان فرمائي. حضرت امام حسينؓ نه صرف نبي پاڪ ﷺ جا نواسا هئا، پر اهل بيت اطهار جا روشن ستارا ۽ امت مسلمه لاءِ هدايت جو سرچشمو پڻ هئا. سندن سڄي زندگي اسلام جي تعليمات مطابق گذري ۽ جڏهن دين جي اصل روح کي خطرو لاحق ٿيو ته پاڻ پنهنجي جان سميت سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا، پر باطل جي اڳيان جهڪڻ قبول نه ڪيو.
حضرت امير معاويهؓ جي وفات کان پوءِ يزيد اقتدار سنڀاليو. هن پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف اهم شخصيتن کان بيعت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. حضرت امام حسينؓ حالتن جو جائزو وٺي محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هو يزيد جي بيعت ڪندا ته امت لاءِ غلط مثال قائم ٿيندي ۽ دين جا بنيادي اصول متاثر ٿيندا. ان ڪري پاڻ حق ۽ سچائي جي خاطر اهو فيصلو ڪيو، جنهن تاريخ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو.
ڪوفي وارن حضرت امام حسينؓ کي ڪيترائي خط لکي دعوت ڏني ته هو ڪوفي اچي سندن رهبري سنڀالين. امام حسينؓ حالتن جي جاچ لاءِ حضرت مسلم بن عقيلؓ کي ڪوفي موڪليو. شروعات ۾ ماڻهن ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو، پر جڏهن حڪومتي دٻاءُ وڌيو ته گهڻا ماڻهو پنهنجن واعدن تان ڦري ويا. حضرت مسلم بن عقيلؓ کي شهيد ڪيو ويو، جڏهن ته امام حسينؓ پنهنجن اهل بيت ۽ ساٿين سان گڏ سفر تي روانا ٿي چڪا هئا.
جڏهن امام حسينؓ جو قافلو ڪربلا پهتو ته کين اتي ترسڻ تي مجبور ڪيو ويو. ٻئي محرم تي هي قافلو ڪربلا جي ميدان ۾ لٿو. وقت سان گڏ يزيدي لشڪر جو تعداد وڌندو ويو، جڏهن ته امام حسينؓ سان گڏ فقط ڪجهه وفادار ساٿي ۽ اهل بيت جا فرد هئا. طاقت جو توازن هڪ پاسي هو، پر امام حسينؓ جي همت، عزم ۽ يقين ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي.
ستين محرم تي فرات جو پاڻي بند ڪيو ويو. سخت گرمي، تپندڙ واري ۽ اڃ جي شدت اهل بيت ۽ ٻارن کي بيحال ڪري ڇڏيو. خيمن مان معصوم ٻارن جي اڃ جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون. عورتون ۽ ٻار پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ ترسڻ لڳا، پر امام حسينؓ ۽ سندن ساٿين صبر ۽ استقامت جو دامن نه ڇڏيو. اهو منظر اڄ به انسانيت جي ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏي ٿو ته رسول الله ﷺ جي نواسي ۽ سندن خاندان کي پاڻي کان به محروم ڪيو ويو.
ڏهين محرم، يعني عاشوري جي ڏينهن، حق ۽ باطل آمهون سامهون هئا. امام حسينؓ آخري گهڙي تائين جنگ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مخالفن کي سمجهايو ته هو رسول الله ﷺ جا نواسا آهن، سندن رت سان هٿ نه رڱيو، پر اقتدار جي خواهش ۾ انڌا ٿي ويل ماڻهن تي انهن ڳالهين جو ڪو اثر نه ٿيو. جنگ شروع ٿي ۽ امام حسينؓ جا وفادار ساٿي هڪ هڪ ڪري ميدان ۾ لهي شهيد ٿيندا ويا.
حضرت علي اڪبرؓ، جيڪي شڪل، صورت ۽ اخلاق ۾ رسول الله ﷺ سان گهڻي مشابهت رکندا هئا، ميدان ۾ لٿا ۽ بهادري جو اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو. حضرت قاسمؓ نوجواني جي عمر ۾ حق خاطر جان قربان ڪئي. حضرت عباسؓ اڃايل ٻارن لاءِ پاڻي آڻڻ نڪتا، پر رستي ۾ شهيد ڪيا ويا. هر شهيد سان گڏ امام حسينؓ جو دل زخمي ٿيندو رهيو، پر پاڻ الله جي رضا تي راضي رهندي صبر جو دامن هٿان نه ڇڏيو.
ڪربلا جو سڀ کان وڌيڪ دردناڪ منظر اهو هو، جڏهن ڇهن مهينن جي معصوم حضرت علي اصغرؓ کي امام حسينؓ پنهنجي هٿن تي کڻي ميدان ۾ آيا ۽ دشمنن کان پاڻي جي درخواست ڪئي. پاڻ فرمايو ته جيڪڏهن مون تي رحم نٿا ڪريو ته هن معصوم ٻار تي ئي رحم ڪريو، پر جواب ۾ هڪ تير هنيو ويو، جيڪو حضرت علي اصغرؓ جي نازڪ ڳلي ۾ لڳو. اهو منظر اڄ به هر مسلمان جي اکين کي آلو ڪري ڇڏي ٿو ۽ انسانيت کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته ظلم ڪهڙي حد تائين وڃي سگهي ٿو.
جڏهن سڀ ساٿي ۽ اهل بيت جا نوجوان شهيد ٿي ويا ته امام حسينؓ اڪيلا رهجي ويا. پاڻ ميدان ۾ بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ ثابت ڪري ڇڏيو ته حق جو علمبردار تعداد يا وسيلن جي گهٽتائي باوجود ڪمزور نٿو ٿئي. سخت اڃ، ٿڪاوٽ ۽ زخمن جي باوجود پاڻ ثابت قدم رهيا. آخرڪار دشمنن هر طرف کان حملو ڪيو ۽ رسول الله ﷺ جي نواسي کي شهيد ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح ڪربلا جي تپندڙ واريءَ تي رسول الله ﷺ جي نواسي جو پاڪ رت وکري ويو ۽ تاريخ قرباني، وفاداري ۽ حق جي سربلندي جو روشن باب محفوظ ڪري ورتو.
امام حسينؓ جي شهادت کان پوءِ به آزمائشن جو سلسلو ختم نه ٿيو. اهل بيت جي عورتن ۽ ٻارن کي قيد ڪيو ويو، مختلف شهرن ۾ وٺي وڃيو ويو، پر حضرت زينبؓ ۽ ٻين اهل بيت جي فردن صبر، حوصلو ۽ استقامت جو اهڙو مثال قائم ڪيو، جنهن ڪربلا جي پيغام کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو. جيڪڏهن ميدان ڪربلا ۾ امام حسينؓ پنهنجي جان قربان ڪري حق کي زنده رکيو ته حضرت زينبؓ پنهنجي خطبن ۽ جرئت سان ان پيغام کي هميشه لاءِ امر بڻائي ڇڏيو.
واقعي ڪربلا اسان کي سيکاري ٿو ته حق جو رستو هميشه آسان ناهي هوندو. ڪڏهن ڪڏهن انسان کي پنهنجي اصولن، عقيدي ۽ سچائي لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. امام حسينؓ اسان کي اهو سبق ڏنو ته ظلم جي سامهون خاموش رهڻ به هڪ ڏوهه آهي ۽ باطل سان ٺاهه ڪرڻ عارضي فائدو ته ڏئي سگهي ٿو، پر تاريخ ۾ عزت نٿو ڏئي سگهي.
اڄ به جڏهن دنيا ۾ ظلم، ناانصافي ۽ جبر خلاف آواز بلند ٿئي ٿو ته ڪربلا جو پيغام ياد اچي ٿو. محرم الحرام جو اصل مقصد صرف غم جو اظهار ڪرڻ نه، پر امام حسينؓ جي ڪردار، صبر، استقامت ۽ حق پسندي کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اختيار ڪرڻ آهي. جيڪڏهن اسان سچائي، ايمانداري، انصاف ۽ انسانيت جي قدرن کي اپنائي وٺون ته اهو ئي امام حسينؓ جي قرباني کي حقيقي خراج عقيدت هوندو.
چوڏهن صدين کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود دنيا يزيد جي اقتدار کي نه، پر امام حسينؓ جي قرباني کي ياد ڪري ٿي. اها ئي ان عظيم واقعي جي سڀ کان وڏي شاهدي آهي ته تاريخ ۾ ڪاميابي طاقت سان نه، پر اصولن، ڪردار ۽ قرباني سان حاصل ٿيندي آهي. ڪربلا جي تپندڙ واريءَ تي وکريل رسول الله ﷺ جي نواسي جو رت دراصل اسلام جي بقا، حق جي سربلندي ۽ انسانيت جي بيداري جو اهڙو چراغ بڻجي ويو، جيڪو قيامت تائين روشني ڏيندو رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو