ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي اڳواڻ مولانا اسد الله ڀٽو چيو آهي ته اسانجي کٽيل جن 9 يونين جو نتيجو بدلايو ويو هو انهن مان 3 واپس ملي ويون آهن. اهڙو انڪشاف هن ڪي ٽي اين جي پروگرام ‘ان سائيٽ وِد ناجيا مير’ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسين اميد ڪريون ٿا ته اسانجو چورايل مينڊيٽ اسانکي واپس ملندو جنهن بعد جماعت اسلامي ڪراچي جي مڪاني چونڊ ۾ اڪيلي وڏي جماعت طور سامهون ايندي. هن چيو ته اسان وٽ فارم 11 ۽ 12 هون موجود آهن جن تي سڀني جون صحيحون آهن ۽ انهن دستاويزن موجب اسان اهي يونين کٽيون آهن. جيسين اسانکي اهو حق نه ملندو تيسين اسين ڪنهن به سياسي جماعت سان ڳالهيون نه ڪنداسين. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ظاهر ڪيل نتيجن موجب 92 يونين پيپلز پارٽي کٽيون هيون ۽ جماعت اسلامي کي 86 تي ڪامياب ڏيکاريو ويو هو. هاڻي جماعت اسلامي 89 تي ڪامياب آهي ۽ پي پي جون 90 يونين آهن. مولانا ڀٽو مطابق محمود آباد، اورنگي ۽ صفواران واريون يونين کين واپس مليون آهن.










