ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان

ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران آسمان تي بادل ڇايل رهڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، شهر ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران هلڪي کان وچولي درجي جي برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. هن وقت شهر جي هوا ۾ نمي جو تناسب 78 سيڪڙو آهي ۽ ڏکڻ-پچڻ کان سمنڊ جون هوائون 11 ڪيلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو