ڪراچي ۾ گرمي، شدت 46 ڊگري تائين محسوس ٿيڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي ۾ گرمي، شدت 46 ڊگري تائين محسوس ٿيڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اڄ به موسم سخت گرم ۽ گهٽ ٻوسٽ وارو رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب هن وقت هوا ۾ نمي جو تناسب 69 سيڪڙو آهي. شهر جو وڌ ۾ وڌ درجه حرارت 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگهي ٿو، جڏهن ته گرمي جي شدت (Heat Index) 43 کان 46 ڊگري تائين محسوس ڪئي ويندي. موسميات کاتي ٻڌايو ته شهر جو موجوده درجه حرارت 29 ڊگري سينٽي گريڊ آهي ۽ اولهه جي طرف کان 19 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن.ٻئي طرف ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم، جڏهن ته ڏکڻ ۽ وچين علائقن ۾ سخت گرم رهندي. جبلن وارن مٿاهن علائقن ۾ موسم جزوي طور تي اڀر آلود (جهڙالي) رهڻ جو امڪان آهي. خيبرپختونخوا ۽ اتر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي شام يا رات جو تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پڻ ٿي سگهي ٿي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سڀ کان وڌيڪ گرمي سبي ۾ 46 ڊگري ۽ دادو ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو