ڪراچي ۾ ڪارا ڪڪر ڇائنيل، هلڪي برسات جو امڪان

ڪراچي ۾ ڪارا ڪڪر ڇائنيل، هلڪي برسات جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر ۾ اڄ به ڪارا ڪرڪ ڇائنيل آهن جنهن سبب هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته شهر ۾ هلڪي برسات جي به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 15.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 27 کان 29 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. شهر ۾ 4 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اوڀر کان هوائون هلي رهيون آهن ۽ هوا ۾ نمي جو تناسب 60 سيڪڙو آهي. ٻئي طرف موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهندو جڏهن ته مٿانهين علائقن ۾ ٿڌ وڌيڪ رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو