چيني شهرين تي حملي جا عورت سميت 2 سهولتڪار گرفتار، اهم انڪشاف

چيني شهرين تي حملي جا عورت سميت 2 سهولتڪار گرفتار، اهم انڪشاف

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار چيو آهي ته 6 آڪٽوبر تي ڪراچي ايئرپورٽ تي چيني انجنيئرز جي قافلي تي حملي ۾ ملوث خودڪش بمبار شاهه فهد جا هڪ عورت سميت 2 سهولتڪار گرفتار ڪيا آهن، 3 جوابدار مفرور آهن جن جي گرفتاري جون ڪوششون جاري آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو ته هن واقعي ۾ ٻن چيني انجنيئرز سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 21 ٻيا زخمي ٿيا هئا. ڌماڪي سبب آس پاس جي گاڏين ۾ به بهاهه لڳي هئي. حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي قبول ڪئي.هئي، سي ٽي ڊي ڪيس داخل ڪيو ۽ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي هئي. هن ٻڌايو ته آپگهاتي حملي آور جو چهرو ۽ جسم سڙي چڪو هو، جاچ ٽيم جديد فورينزڪ سهولتن سان سندس فنگر پرنٽ ۽ ٻيون شاهديون گڏ ڪري جاچ اڳتي وڌائي. سي سي ٽي وي مان آپگهاتي بمبار ۽ ٻن سهولتڪارن جي نشاندهي ٿي، واقعي واري هنڌان حملي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏين جي چيسز جو ٽڪڙو به مليو.هن چيو ته حملي ۾ استعمال ٿيل گاڏي ڪراچي جي هڪ شو روم مان 71 لک روپين ۾ خريد ڪئي وئي، رقم حب جي علائقي ۾ واقع نجي بئنڪ مان ٽرانسفر ڪئي وئي هئي، فيصل علي جي بينڪ اڪائونٽ مان رقم منتقل ٿي، ايڪسائيز ڊيٽا مان خبر پئي آهي ته فرحان ۽ شريف گاڏي جي خريداري ۾ شامل هئا، آپگهاتي حملو ڪندڙ پاڻ به گاڏي خريد ڪرڻ لاءِ گڏ ويو هو ۽ سندس نالي تي گاڏي رجسٽر ڪرائي وئي. دهشتگردن جي فنانسنگ ۾ بلال نالي بينڪ ملازم سميت 2 ڄڻا ملوث رهيا. هن چيو ته گاڏي حب کان اڳتي وئي هئي جتي انهي ۾ بارودي مواد فٽ ڪيو ويو، بارودي مواد ۾ آر ڊي ايڪس ۽ پينٽ نالي مواد شامل هو جنهن جو وزن 30 کان 40 ڪلو گرام هو. جرمني ۾ ٻئي عالمي جنگ دوران اهو بارودي مواد استعمال ٿيو هو. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته دهشتگردن چيڪنگ کان بچڻ جي لاءِ عورت کي ڪار ۾ ويهاريو، گل نساءَ نالي عورت جي مدد سان دهشتگرد بارود سان ڀريل گاڏي شهر ۾ داخل ڪئي عورت کي به گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته حملي جو مُک جوابدار جاويد نالي شخص آهي. جيڪو سمورا معاملا ڏسندو رهيو. انهي ريڪي به ڪئي ۽ ايئرپورٽ تان چيني شهرين جي نڪرڻ جو اطلاع به هن فون تي ڏنو، حملي ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار آهن، جڏهن ته 3 جوابدار دانش، گل رحمان ۽ بشير زيد مفرور آهن. بشير زيد پرڏيهه ۾ آهي ۽ هو ماسٽر مائينڊ به آهي ۽ رقم جو بندوبست به هن ئي ڪيو هو. خودڪش بمبار صدر جي هڪ هوٽل ۾ رات رهيو، واقعي واري ڏينهن ويڊيو بيان رڪارد ڪري بي ايل اي ڪمانڊر کي موڪليو. هن جاچ ٽيم جي محنت جي ساراهه ڪندي سندن لاءِ 5 ڪروڙ انعام جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته کين قائد اعظم ۽ صدارتي پوليس ميڊل به ڏنا ويندا. هن چيو ته چيني اسانجو برادر ملڪ ۽ ترقي ۾ شراڪتدار آهي، مان بي ايل اي سميت اهڙين سڀني تنظيمن کي خبردار ٿو ڪريان ته سنڌ ۾ اهرين ڪارواين کان پاسو ڪن

پهنجو تبصرو موڪليو