ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ بل ادا ڪندڙن سان ظلم آهي: خرم دستگير

ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ بل ادا ڪندڙن سان ظلم آهي: خرم دستگير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ لوڊشيدنگ بل ادا ڪندڙن سان ظلم آهي صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال ڪراچي کي بجلي لاءِ 171 ارب رپيا سبسڊي ڏني ويندي سائڪلون سبب ڪي اليڪٽرڪ کي آر ايل اين جي جي روانگي ۾ رڪاوٽ ٿي آهي هن چيو ته طوفان جا اثر گهت کان گهٽ ٿيندي نظر اچي رهيا آهن خرم دستگير چيو ته وزيراعطم بنا دير 100 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن تي ايس ايس جي سي ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس فراهم ڪئي ڪراچي ۾ اهاڻي رڳو معمول جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ بجلي جي نظام جون خرابيون نه آهن ڪراچي کي ٽيرف ڊيفريشنل سبسڊي ڏني پئي وڃي هن چيو ته هلندڙ سال بجلي لاءِ ڪراچي کي 171 ارب رپيا سبسڊي ڏني ويندي سڄي ملڪ لاءِ 151 ارب رپيا سبسڊي ڏني پئي وڃي جنهن ۾ 30 سيڪڙو علائقن ۾ لوڊشيدنگ آهي اتي بل ڀريندڙن سان ظلم آهي ڪي اليڪٽرڪ سوئي سدرن جي معاملن کي حل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون وفاقي وزير چيو ته شاهد خاقان عباسي ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي گئس ڪميٽي جو سربراهه هوندو ڪي اليڪٽرڪ جي نئين سر تنظيم ڪئي پئي وڃي. هاڻي ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي رينيو ناهي ٿي ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي رينيو پاور پرچيز ايگريمينٽ پي پي اي کان پوءِ ٿيندي ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته ڪراچي جو 70 سيڪڙو واهپيدارن لاءِ ڪائي لوڊشيدنگ نه پئي ٿئي هن چيو ته ڪراچي شهر جي 70 سيڪڙو واهپيدارن لاءِ ڪنهن قسم جي لوڊشيدنگ نه پئي ڪئي وڃي جن علائقن ۾ بل گهٽ ڀريا پيا وڃن اتي معمول جي لوڊشيدنگ ٿي رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو