ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جمالي پل ويجهو هڪ تيز رفتار مني ٽرڪ موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا.
پوليس موجب، حادثو ٽرڪ جا بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو. پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٽرڪ تمام تيز رفتاري سان هلي رهي هئي.
فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.










