ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم رهڻ جو امڪان

ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم رهڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي شهر ۾ گرم ۽ خشڪ موسم جي اڳڪٿي ڪئي آهي . موسميات کاتي موجب، اڄ ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.گذريل رات گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هن وقت ڏکڻ اولهه کان 12 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، جنهن ۾ نمي جو تناسب 78 سيڪڙو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو