ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهر ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 40.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ منجهند 2 کان 3 وڳي تائين گرمي پد 40.5 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ گرمي جي شدت 56 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي وئي. شام 5 وڳي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي گرمي پد 36.5 رڪارڊ ٿيو ۽ هوا ۾ نمي جو تناسب 66 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ سڀاڻي به موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي هوائون سڀاڻي شام کان ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب 250 عزادارن جي حالت خراب ٿي وئي، جن کي جناح اسپتال جي ڪيمپ ۾ طبي امداد ڏني وئي.










