ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 24 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.شهر قائد ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوائون اولهه کان هلڪي رفتار سان هلي رهيون آهن، هوا ۾ نمي جو تناسب 88 سيڪڙو آهي.










