ڪراچي: گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙيل عورت علاج دوران فوت

ڪراچي: گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙيل عورت علاج دوران فوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيل عورت علاج دوران فوت ٿي وئي آهي.پوليس موجب، هي افسوسناڪ واقعو ڪراچي جي سر سيد علائقي ۾ پيش آيو. فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ شائستہ جي نالي سان ڪئي وئي آهي، جيڪا باهه لڳڻ جي واقعي ۾ سخت سڙي وئي هئي.پوليس وڌيڪ چيو ته عورت کي نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هوءَ بچي نه سگهي. ساڳئي واقعي ۾ عورت جو مڙس به سڙي فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو