ڪراچي: گلستان جوهر جي هڪ گهر مان 3 عورتن جا لاش هٿ

ڪراچي: گلستان جوهر جي هڪ گهر مان 3 عورتن جا لاش هٿ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گلستان جوهر جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ هڪ گهر مان 3 عورتن جا لاش هٿ آيا آهن. پوليس موجب قتل جو دل ڏاريندڙ واقعو ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو، جتي اڻڄاتل ماڻهن تيز ڌار اوزار جي وار سان عورتن کي قتل ڪيو. افسوسناڪ واقعي ۾ هڪ معصوم ٻارڙي ۽ هڪ مرد به زخمي ٿيا آهن جن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. شروعاتي ڄاڻ موجب فوت ٿي ويل عورتن جي سڃاڻپ مينا، دانيه ۽ عاشي جي نالن سان ڪئي وئي آهي. لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. شروعاتي ڄاڻ موجب اهو واقعو گهريلو نوعيت يا ذاتي دشمني جو نتيجو ٿي سگهي ٿو پر پوليس هر رخ کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايس ايس پي ملير جو چوڻ آهي ته زخمي ڇوڪري جي سڃاڻپ نندني ۽ زخمي مرد جي اجي جي نالن سان ٿي آهي. زخمي شخص اجي عورتن جو مامو ٻڌايو پيو وڃي. شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مامي اجي تيز ڌار اوزار سان عورتن جا گلا ڪٽيا آهن، پر واقعي جي جاچ جاري آهن. ڪرائيم سين يونٽ موقعي تي پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو