ڪراچي: گرفتار پنڪي تي فردِ جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر

ڪراچي: گرفتار پنڪي تي فردِ جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جوڊيشنل مئجسٽريٽ ڏکڻ منشيات فروشيءَ جي الزام ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي خلاف فردِ جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. عدالت جوابدار عورت تي فردِ جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ 25 جولاءِ مقرر ڪندي ڪيسن جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. جيل ذريعن موجب، ڇهن ڪيسن ۾ چالان ۽ شاهدن جي بيانن جون نقلون جيل ۾ جوابدار عورت کي فراهم ڪيون ويون آهن، عدالتي حڪمن تي عملي ذاتي طور تي اهي دستاويز جوابدار عورت تائين پهچايا. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار انمول خلاف 2020، 2021 ۽ 2022 ۾ اهي ڪيس داخل ٿيا هئا، جوابدار عورت انمول عرف پنڪي انهن ڪيسن ۾ مفرور هئي. پوليس موجب، گارڊن ٿاڻي جي ڪيس ۾ گرفتاريءَ کانپوءِ جوابدار عورت کي انهن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو