ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آئي اڳواڻ شهباز گل کي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان وڏو رليف ملي ويو عدالت پوليس عملدارن جي جواب تي درخواست اڪلائي ڇڏي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهباز گل جي خلاف قومي ادارن جي خلاف تذليل وارا بيان ڏيڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي تي پوليس عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ قومي ادارن جي خلاف تذليل وارا بيان ڏيڻ بابت ڪراچي ۾ داخل 3 ڪيس ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت پي ٽي آئي اڳواڻ شهباز گل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي پوليس شهباز گل جي خلاف داخل 3 ڪيس ختم ڪري ڇڏيو پوليس ٻڌايو ته ٽن ڪيسن کي سي ڪلاس ڪرڻ بابت رپورٽس مئجسٽريٽ وٽ جمع ڪرائي ويندي شهباز گل جي خلاف برگيڊ ٿاڻي، رضويه ۽ سرجاني ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا عدالت پوليس جي جواب تي شهباز گل جي درخواست اڪلائي ڇڏي.










