ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ضمانت لاءِ سٽي ڪورٽ ۾ آيل يوٽيوبر رجب بٽ کي وڪيلن تشدد جو نشانو بڻايو.توهين رسالت ڪيس ۾ يوٽيوبر رجب جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن لاءِ رجب بٽ پنهنجي وڪيلن سان گڏ سٽي ڪورٽ پهتو.جڏهن رجب بٽ عدالت پهتو ته اتي موجود وڪيلن ۽ وڪيلن جي لباس ۾ ڪجهه ٻين ماڻهن طرفان کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو.ان حوالي سان قانوني اڳواڻن جو چوڻ آهي ته عبوري ضمانت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، رجب بٽ هڪ بلاگ ٺاهيو هو جنهن ۾ هن مدعي جي ڪيس بابت ڪجهه نامناسب لفظ چيا هئا.وڪيلن جي هڙتال سبب عدالت رجب بٽ جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ۽ رجب بٽ جي عبوري ضمانت ۾ به 13 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي.










