ڪراچي: مبينا زيادتي کانپوءِ اڍائي سالن جي ٻارڙي جو قتل

ڪراچي: مبينا زيادتي کانپوءِ اڍائي سالن جي ٻارڙي جو قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي قائد آباد ۾ مبينا زيادتي کانپوءِ قتل ڪيل اڍائي سالن جي ٻارڙي جي ڊي اين اي (DNA) رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. رپورٽ موجب، ٻارڙي جي ڪپڙن مان گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڄڻن جو ڊي اين اي مليو آهي، شروعاتي طور تي 14 ڄڻن ۽ بعد ۾ وڌيڪ ڪيترن ئي ماڻهن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويا هئا. پوليس موجب، شروعاتي معلومات هئي ته ٻارڙي کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو آهي ۽ ان قتل ۾ چچي ۽ مائٽ ملوث آهن. پوليس ٻڌايو ته چچي ٻارڙي کي قتل ڪري ڪمري ۾ لاش رکيو هو، جوابدارن کي لاش ٺکائي لائڻ جو موقعو نه ملي سگهيو تنهنڪري گهر کان ٻاهر ڇڏي ڏنو. اهو امڪان آهي ته ٻيا ماڻهو به قتل ۾ ملوث هجن، پر عورت جي مڙس جو ڪيس ۾ ڪو به ڪردار سامهون ناهي آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو