ڪراچي: لياري ۾ آپريشن، 2 ڀتا خور گرفتار

ڪراچي: لياري ۾ آپريشن، 2 ڀتا خور گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ رينجرز ۽ ايس آءِ يو پوليس لياري ۾ ڀتا خورن خلاف گڏيل آپريشن ڪيو آهي.رينجرز ترجمان موجب، ڀتا خوري ۾ ملوث ٻن جوابدارن، عدنان عرف ملا ۽ فيصل کي گرفتار ڪيو ويو آهي.جوابدار، عدنان عرف ملا، سوديس پپو گروپ سان تعلق رکي ٿو، جيڪو ڀتا خوري مافيا سان لاڳاپيل آهي.رينجرز ترجمان چيو ته جوابدار دڪاندارن ۽ ٻين واپارين کان ڀتا خوري ۾ ملوث آهي.رينجرز ترجمان موجب، گرفتار ٿيل ٻيو جوابدار، فيصل، ڀتا خوري مافيا جي سربراهه جميل چنگا جو ويجهو ساٿي آهي.رينجرز ترجمان اهو به چيو ته جوابدار شهر ۾ ڀتا خوري جي رقم منتقل ڪرڻ ۾ ملوث آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو