زال جي قتل جو جوابدار پوليس تحويل ۾ فوت

زال جي قتل جو جوابدار پوليس تحويل ۾ فوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جوهر آباد انويسٽيگيشن پوليس جي حراست ۾ موجود جوابدار دورانِ حراست ئي حياتي جي جنگ هارائي ويو. پوليس ذريعن موجب، جوابدار محمد خان کي گذريل ڏينهن زال کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو هو، نارٿ ناظم آباد بلاڪ اين جي هڪ گهر مان گذريل ڏينهن عورت جو لاش مليو هو.فوت ٿيل عورت جي مڙس جي شروعاتي بيان موجب، 3 ڏينهن اڳ چانور کائڻ کانپوءِ زال جي طبيعت خراب ٿي هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ گهر ۾ ئي فوت ٿي وئي. عورت جي مڙس کي جوهر آباد انويسٽيگيشن پوليس حوالي ڪيو ويو هو. پوليس اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته ٿاڻي ۾ جوابدار جي طبيعت خراب ٿي ته کيس فوري طور تي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو