ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايڇ بي ايل پي ايس ايل 10 جي اٺين ميچ ۾، ڪراچي ڪنگز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 56 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.176 رنسن جي هدف جي پويان ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز مقرره اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 119 رنسون ٺاهي سگهي.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سعود شڪيل 33 ۽ محمد عامر 30 رنز ٺاهيون.ڪراچي ڪنگز مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ جيمس ونس 70، ڊيوڊ وارنر 31 ۽ ٽم سيفرٽ 27 رنسون ٺاهيون.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي علي ماجد ۽ محمد عامر ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.ان کان اڳ، ڪراچي ڪنگز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي وچ ۾ ميچ نيشنل اسٽيڊيم، ڪراچي ۾ کيڏيو ويو.پي ايس ايل 10 پوائنٽس ٽيبل تي اسلام آباد يونائيٽيڊ هن وقت 6 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي، لاهور قلندرز 4 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي آهي، ۽ ڪراچي ڪنگز 4 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي.ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز 2 پوائنٽن سان چوٿين، ملتان سلطانز صفر پوائنٽن سان پنجين ۽ پشاور زلمي صفر پوائنٽن سان ڇهين نمبر تي آهي.










