ڪراچي جي آدمشماري بابت درخواست خارج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ ٻيهر آدمشماري بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست واپس وٺڻ سبب نمٽائيندي  نئين درخواست داخل ڪرڻ جو چيو آهي. جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس منيب اختر تي مشتمل بينچ ٻڌڻي شروع ڪئي ته ايم ڪيو ايم جو وڪيل صلاح الدين پيش ٿيو ۽ فاروق ستار به موجود هو. اها درخواسر فاروق ستار داخل ڪئي هئي. جڏهن هن ڳالهائڻ جي اجازت گهري ته عدالت چيو ته اوهانجي وڪيل ڳالهايو آهي. وڪيل چيو ته هاڻي فاروق ستار جو ايم ڪيو ايم سان تعلق ناهي. جسٽس منيب اختر چيو ته هي ڪافي پراڻي درخواست آهي اوهان نئين درخواست داخل ڪيو. درخواست ۾ چيو ويو هو ته ڪراچي جي آدمشماري ۾ ڌانڌلي ٿي آهي 13 بلاڪ اهڙا آهن جتي ووٽر وڌيڪ ۽ آبادي گهٽ آهي. ڄاڻي واڻي سنڌ جي شهري علائقن جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي. جسٽس مشير عالم چيو ته جيڪو به هو آدمشماري ٿي وئي ۽ رڳو اوهان کي نه پر ٻين صوبن کي به اعتراض آهن، اوهان ئين دخواست ڏيو. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته عدالتي فيصلي تي هن کي تحفظات آهن ۽ عدالت ٺيڪ نه ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو