ڪراچي جو بدترين شهرن ۾ شمار، پ پ ذميوار قرار

ڪراچي جو بدترين شهرن ۾ شمار، پ پ ذميوار قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي کي دنيا جي بدترين شهرن جي فهرست ۾ پهچائڻ جي ذميواري پيپلز پارٽي تي وجهي ڇڏي آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان چيو ته ٽٽل سڙڪون، گندگي، پاڻي جو بحران ۽ بدترين ٽريفڪ پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي جو ثبوت آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ڪراچي کي بنيادي سهولتن کان به محروم ڪيو، اها صرف دعوائن ۾ مصروف رهي ۽ ڪراچي عالمي درجي بندي ۾ لڳاتار پوئتي پوندو ويو. ترجمان موجب، جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪراچي تي سنجيدگي ڏيکاري ها ته عالمي سطح تي اها درجي بندي نہ ٿئي ها. اڪانومسٽ انٽيليجنس يونٽ جي رپورٽ ۾ رهائش جي لحاظ کان دنيا جي 173 بدترين شهرن ۾ ڪراچي جو شمار 170 هين نمبر تي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو