ڪراچي جون سنڌي وسنديون شهر جي سونهن آهن، ڍڪڻ

ڪراچي( باغي ساگر پنھوار ) پي پي ميڊيا سيل جي انچارج فداحسين ڍڪڻ  سچل ڳوٺ جو دورو ڪري پي پي ۔پي ايس 100 جي سينيئر اڳواڻ محمد حنيف سومرو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ سچل ڳوٺ۔شاھنواز شر ڳوٺ۔بلاول شاھ نوراني ڳوٺ۔ماروئڙا ڳوٺ جي بھتري لاء پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي فدا حسين ڍڪڻ چيو ته ڪراچي جو سنڌي وسنديون شھر جي سونھن جو ڏيک ڏين ٿيون ماضي ۾ ھنن وسندين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو ھو، ھن چيو ته ايم ڪيو ايم جي دور ۾ قديم وسندين کي نظرانداز ڪري من پسند علائقن کي نوازيو ويو ھو سندس چوڻ ھو ته پي پي هي دور ۾ سنڌي وسندين کي مالڪاڻا حق مليا آھن پي پي اڳواڻ محمد حنيف سومري چيو ته ھو فداحسين ڍڪڻ کي سچل ڳوٺ اچڻ تي ڀليڪار چون ٿا ھن چيو ته مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ۔سعيد غني۔ پي پي ضلعي اوڀر جي صدر علائقن ۾ تمام بھترين ترقياتي ڪم ڪرايا آھن محمد حنيف سومري چيو ته جلد قديم وسنڌين کي ماڊل وسندين ۾ تبديل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو