ڪراچي: بلڊر جو  قاتل زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي: بلڊر جو قاتل زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شاهراهه نورجهان پوليس مقابلي بعد مقامي بلڊر جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب شاهراهه نورجهان پوليس مقابلي دوران جوابدار روي پٽ گوپال ويرا کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته نارٿ ناظم آباد بلاڪ آر ۾ ڪارروائي دوران جوابدار جو ساٿي بهادر علي عرف فيضل ڪالا پٽ عبدالڪريم فرار ٿي ويو.پوليس موجب، زخمي جوابدار جي قبضي مان هڪ پستول، 30 بور لوڊ ميگزين، هڪ موبائل فون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.پوليس موجب جوابدار ۽ سندس 2 ساٿين جو 3 رڪني گينگ گهرن ۾ ڦرلٽ، اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڌاڙن دوران قتل جي وارداتن ۾ ملوث آهي.جوابدارن 4 فيبروري تي تيموريه جي حد ۾ ڦر دوران بلڊر سمير کي قتل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو.ڦر دوران بلڊر سمير کي فائرنگ ڪري جوابدار جي ساٿي راشد پٽ ايوب قتل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو