ڪراچي: اي اين ايف جون ڪارروايون، 6 شڪي گرفتار

ڪراچي: اي اين ايف جون ڪارروايون، 6 شڪي گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) 7 ڪارروائين ۾ 6 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.اي اين ايف ترجمان موجب، اهي ڪارروائيون گجرات، هري پور، ڪراچي، اسلام آباد، ڪوئيٽا، مستونگ ۽ لاهور ۾ ڪيون ويون.آفيسرن چيو آهي ته ڪارروائي دوران 255 ڪلو 300 گرام چرس هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته وڌيڪ ڪارروائين ۾ 240 ڪلوگرام وزني ٽرامادول جا 347500 ٽڪرا ۽ 18.150 ڪلوگرام وزني 49800 نڪسس ٽيبليٽ پڻ هٿ ڪيا ويا.ترجمان چيو ته گرفتار شڪي ماڻهن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪڻڻ جو اعتراف ڪيو آهي.ان کان علاوه، ڪارروائين خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 تحت ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو