ڪراچي: اسنيپ چيڪنگ دوران شهري جو اغوا ، 4 اهلڪار معطل

ڪراچي: اسنيپ چيڪنگ دوران شهري جو اغوا ، 4 اهلڪار معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شهريءَ کي ٿوري وقت لاءِ اغوا ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث 4 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب هي واقعو ڪراچي جي درخشا ٿاڻي ويجهو پيش آيو، جتي شهري جي شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ جي واقعي تي 4 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪندي انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو آهي. پوليس اختيارين ٻڌايو ته اهلڪار اسنيپ چيڪنگ ڪري رهيا هئا ۽ ان دوران هنن شهري کي روڪيو، چيڪنگ کانپوءِ اهلڪار شهري کي گاڏي ۾ وجهي مختلف سڙڪن تي ڦيريندا رهيا. پوليس موجب شهري جو الزام آهي ته اهلڪارن کانئس 50 هزار رپيا وٺڻ کانپوءِ کيس آزاد ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو