ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ جو سياسي منظرنامو .

فاروق احمد سرگاڻي
ڪراچي يونيورسٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي آھي, جيڪا وسيع ايراضي تي ڦهليل آھي, جٿي ھن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لاء ايندا آھن. جيڪڏهن پاڻ انھن جي اڳيان ڪنهن سياسي پارٽي جو نالو وٺو.. سياسي ڪلچر جي ڳالهه تہ يار ھٿن مان نڪري وڃن.. “چوندا آھن تہ اسان جو ڪنهن سياسي پارٽي ۾ ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪونهي, وڏن جهليو آھي.” انهيَ سوچ سان ھو ھتي ايندا آھن پر مان ھڪ سياسي بالغ ھجڻ جي ناتي انهن کي اھو ضرور چوندس ته توھين سياست طرف اچون ڇو ته اسان جي سمورن مسئلن جو حل سياست آھي. آءُ ڪوشش ڪندس ته ڪراچي يونيورسٽي جي موجوده حالتن تي لکان ۽ خاص ڪري جيڪي نج سياسي مسئلا ھجن. ڳالهه جو ڳٽ وڃي وٺجي ته ان جي شروعات استاد محترمه کان ڪجي جيڪي اسان جا محسن آھن, ڳالهه جي گهرائي ۾ وڃي ڪري لکجي, اسان جي معاشري ۾ انفرادي سوچ جو لاڙو تمام گهڻو آھي، ماڻهون صرف ۽ صرف پنهنجي باري ۾ سوچن ٿا ۽ انهن ۾ وڏيرڪي نوابي سوچ جي ساڳي لھر موجود آھي، جيڪا انهن کي پنهنجن ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ملي آھي، جنهن ڪري ھو خالي پنهنجو فائدو ڏسن ٿا. جيڪو استاد محترم ھن تنظيم ۾ شامل ھجي ٿو اھو پنهنجي پاڻ کي الاھي ڇا ٿو سمجهي، مجموعي طور تي ڳالهه ڪجي ته استاد محترم پنهنجي ٺاٺ بوٺ لاءِ ڪم ڪن ٿا پيا. افسوس سان چوڻون ٿو پوي ته اسان جا استاد مفاد پرست ٿئي بيٺا آھن ،جنهن سان نه صرف اسان جي تعليم جو نقصان ٿئي ٿو، پر ان سان اسان جي شعوري سائينسي سوچ ۾ به رڪاوتون اچن ٿيو.
ھاڻي مختصر شاگرد تنظيمن تي ڳالهه ڪجي جيڪي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪم ڪن ٿيو, ڪي مارڪسزم جي فڪر ، ڪي وري قوميت تي گڏ ٿين ٿا پيا ڪي وري مذھبي بنياد تي گڏجي بيٺا آھن , مان سڀ کان پھرين پاڻ تي يعني پنهنجي تنظيم تي مثبت تنقيد ڪندس , اسان جي تنظيم “سنڌي شاگرد سٿ” جيڪا سنڌين جي واحد تنظيم آھي جنهن يقين پنهنجي قوم جي ڀلائي لاءِ سٺا ڪم ڪيا آھن، جيڪا ھاڻي بہ ڪري ٿي، جنهن کان ماڻهون انڪار نٿو ڪري سگهي, پر ھاڻي اھا انفراديت جو شڪار ٿئي چڪي آھي جنهن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو اڳواڻ ٿيڻ يا نالو ٺاھڻ لاءِ اچن ٿا.
بلوچن جا يونيورسٽي ۾ چار درا آھن جنهن ۾ اسان کي ترقي پسند, شعور رکندڙ شاگرد گهٽ ملن ٿا ان جي ڀيٽ ۾ يا ٻين تنظيمن کي ڏسي سمجهي ڳالهه ڪجي ته اھو عنصر اسان ۾ وڌيڪ ملي ٿو. ۽ منفرد ڳالهه جيڪا انهن وٽ آھي، اھا ڪنهن ٻئي تنظيم ۾ ڪونهي، ھوشيار بھادر عورتن جي تعداد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو