ڪراچي، چهلم دوران ايم اي جناح روڊ ٽرئفڪ لاءِ بند

ڪراچي، چهلم دوران ايم اي جناح روڊ ٽرئفڪ لاءِ بند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ چهلم جي مرڪزي جلوس دوران ايم اي جناح روڊ ٽرئفڪ لاءِ بند رهندي. ٽرئفڪ پوليس ان حوالي سان خاص ٽرئفڪ پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ٽرئفڪ پوليس موجب صدر کان ٽاور ويندڙ ٽرئفڪ کي پريڊي اسٽريٽ ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ ڏانهن موڙيو ويندو، جڏهن ته لائٽ هائوس، ايمپريس مارڪيٽ، ريگل چوڪ ۽ تبت سينٽر ڀرسان ٽرئفڪ ڊائيورزن لاڳو هوندا.شاهراهه قائدين کان ايندڙ ٽرئفڪ کي ڪشمير روڊ ۽ پيپلز چورنگي ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. ڪورنگي، لانڍي ۽ نيشنل هاءِ وي کان ايندڙ گاڏيون راشد منهاس روڊ ذريعي سپر هاءِ وي ڏانهن موڙيون وينديون. ناظم آباد کان ايندڙ ٽرئفڪ لسبيله، گارڊن ۽ نشتر روڊ ذريعي پنهنجي منزل ڏانهن وڃي سگهندي، جڏهن ته لياقت آباد کان ايندڙ ٽرئفڪ کي لسبيله چوڪ کان ناظم آباد نمبر 10 ڏانهن موڙيو ويندو. حسن اسڪوائر کان ايندڙ ٽرئفڪ شارع قائدين، سوسائٽي لائٽ سگنل ۽ ٽين هٽي جي رستي لسبيله چوڪ پهچي سگهندي، جڏهن ته شارع فيصل کان ايندڙ ٽرئفڪ سوسائٽي لائٽ سگنل ذريعي شير شاهه سوري روڊ استعمال ڪندي. جمشيد روڊ کان گرومندر ويندڙ ٽرئفڪ کي بهادر يار جنگ روڊ يا سولجر بازار روڊ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. صبح 10 وڳي کان جلوس جي پڄاڻي تائين شهر ۾ ڳري ٽرئفڪ جي داخلا تي پابندي هوندي. جلوس جي روٽ تي هر قسم جي پارڪنگ منع هوندي، جڏهن ته خلاف ورزي ڪندڙ گاڏين کي فوري طور ٽو ڪيو ويندو. مرڪزي چهلم جو جلوس 4 آگسٽ، اڱاري جي صبح 9 وڳي نشتر پارڪ کان برآمد ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو