لاهور(ويب ڊيسڪ)ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي ويهين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ملتان سلطانز کي 87 رنسن سان شڪست ڏئي پلي آف مان ٻاهر ڪري ڇڏيو. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏايل هن ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪراچي ڪنگز پهريان کيڏندي مقرر ٿيل 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 204 رنس ٺاهيا. ڪراچي ڪنگز طرفان جيمرونس 65، عرفان نيازي 40، خوشدل شاهه 33 رنس اسڪور ڪيون. ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر 30 ۽ ٽم سائفرٽ 22 رنس ٺاهيون. ملتان سلطانز طرفان فاسٽ بالر عبيد شاهه 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. 205 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ملتان سلطانز جي پوري ٽيم 17هين اوور ۾ 117 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ شڪست سبب ايونٽ جي پلي آف مان به ٻاهر ٿي وئي. ملتان سلطانز طرفان ڪامران غلام 29 ۽ ياسر خان 26 رنس ٺاهي نمايان رهيا. ڪراچي ڪنگز طرفان محمد نبي 3، مير حمزه ۽ خوشدل شاهه 2،2 وڪيٽون حاصل ڪيون.










