ڪراچي جي لانڌي علائقي مان مليل ٻار جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿي ويو آهي.پوليس سرجن موجب ٻار تي زيادتي جا ثبوت مليا آهن ۽ موت ڪنهن ڳري شيءِ جي مٿي تي لڳڻ سبب ٿيو آهي.ياد رهي ته ڪراچي جي لانڌي علائقي مان 5 ڏينهن کان گم ٿيل ٻار جو بوري سان ڍڪيل لاش ڪچري جي ڍير مان مليو هو.ذريعن موجب لانڌي جي علائقي 36 بي لال مزار گندي گلي ۾ ڪچري جي ڍير مان هڪ ٻار جو بوري سان ڍڪيل لاش مليو ۽ ان کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٻار جي سڃاڻپ 7 سالن جي سعد علي پٽ سلمان علي جي نالي سان ٿي.پوليس موجب فوت ٿيل ٻار 18 سيپٽمبر تي لانڌي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ گوشت مارڪيٽ ويجهو بي ايريا مان گم ٿي ويو هو ۽ ان جي گمشدگي جو ڪيس لانڌي پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو هو.ٻار جي پيءُ جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل سعد سندس اڪيلو پٽ هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ هن ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو. جنهن ڏينهن سعد گم ٿيو، هو کيس اسڪول مان ۽ پوءِ ٽيوشن مان کڻي آيو هو. ٻار ڪجهه خريد ڪرڻ لاءِ 20 رپيا کڻي گهر کان ٻاهر ويو هو ۽ تڏهن کان گم هو. اسان 5 ڏينهن کان مسلسل هن کي ڳولي رهيا هئاسين.










