ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن جي حڪومت کي واهر جي اپيل

ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن جي حڪومت کي واهر جي اپيل

ڊرگھ بالا (رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ)دادو ضلعي کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ باوجود تعلقي جوهي جي ڪاڇي جون پنج يوسين ۾ ٻوڏ دوران بي گهر ٿيل هزارين متاثر سخت سردي واري لهر ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل سرڪار واهر نه ڪئي. سرڪار توڙي غير سرڪار تنظيمون جعلي لسٽون ٺاهي ٻوڏ متاثرن جي نالن تي ڪروڙين رپين عالمي ڊونرز ادارن کان وٺي هڙپ ڪري ويا, ڊي سي دادو شاهزمان کهڙو ويندي ويندي ٻه ڪروڙ رپيا ٻوڏ متاثرن جا ڪڍرائي کڻي ويو, سخت سردي جي لهر ۾ معصوم ٻارن ۾ بيماريون پکڙجڻ لڳيون متاثر علائقن ۾ صورتحال غير يقيني واري ٿي وئي ضلعي جي چونڊيل نمائندن به متاثرن جي ڪابه مالڪي نه ڪئي متاثرن وارن امداد تي جيالن جا ٺٺ ڪرايا ويا تفصيلي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  سنڌ سرڪار ٻوڏ جي تباهين بعد دادو ضلعي کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ باوجود ڪاڇي ۾ بي گهر ٿيل هزارين خاندان سخت سردي جي لهر ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن جنهن جي معصوم ٻارڙن ۾ وڏي پئماني تي بيماريون پکڙجي ويون آهن, ليڪن سنڌ سرڪار دادو ضلعي انتظاميه چونڊيل ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي اڳواڻن ڪاڇي جي متاثرن جي مالڪي ڪرڻ باوجود جعلي سروي لسٽن ۾ ڪروڙين رپيا ڦٻائي ڇڏيا پر متاثرن جي ڪابه واهر نه ڪئي وئي آهي دادو ضلعي ۽ جوهي تعلقي جون پنج يونين ڪائونسلن ڊرگھ بالا, واهي پانڌي, ڇني, ساوڙو, ٽنڊورحيم, ۾ ڪابه مالي طرح متاثرن جي امداد نه ٿي سگهي سخت سردي جي لهر ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل ماڻھن لاء مليل خيما, شيٽون راشن شهري علائقن وڏن ڪاروباري ڪريانه اسٽورن کي ڳجھ ڳوھ ۾ وڪرو ڪيو ويو, ضلعي ڪامورن ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪندي اڏائي ڇڏيا, متاثر ماڻهون بيمارين سبب لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهي متاثر علائقن جي رهواسين پاران وزير اعظم سميت ٻين اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته فوري ڪاڇي جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻھن جي مالڪي ڪري کين زندگيون بچايون وڃن 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو