ڪانگو کي شڪست ڏئي انگلينڊ پري ڪوارٽر ۾ پهچي ويو

ڪانگو کي شڪست ڏئي انگلينڊ پري ڪوارٽر ۾ پهچي ويو

ايٽلانٽا(ويب ڊيسڪ) ناڪ آئوٽ مرحلي جي اهم ميچ ۾ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ڪانگو جي سيپنگا 7هين منٽ ۾ انگلينڊ خلاف گول ڪري پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري. ٻنهي ٽيمن جا هڪٻئي حملا جاري رهيا پر پهرين هاف جي خاتمي تائين وري ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگهي. انگلينڊ جي گول جون ٻه ڪوششون ڪانگو جي گول ڪيپر ناڪام بڻايون. انگلينڊ ٻئي هاف ۾ ٻنهي ٽيمن چار چار تبديليون ڪيون. 75 هين منٽ ۾ ڪين هيڊر هٽ ذريعي گول ڪيو ته انگلينڊ جي تماشائين ۾ هوڪرا پئجي ويا. 86 هين منٽ ۾ ڪين ٻيو گول ڪري انگلينڊ کي برتري ڏياري، جيڪا حتي رهي. انگلينڊ 16 ٽيمن جي پري ڪوارٽر مرحلي ۾ داخل ٿي ويو جتي 6 جولاءِ تي ميڪسيڪو سان مقابلو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو