ڪارو علم ڪري گهر مان چوري ڪندڙ عورتون گرفتار

ڪارو علم ڪري گهر مان چوري ڪندڙ عورتون گرفتار

سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪماراوڏ)سڪرنڊ شهر جي بخاري پاڙي جي رهواسي عبدالجبار ڪيريو جي رپورٽ تي سڪرنڊ پوليس سندس گهر مان ٻن پينو فقيرياڻين عورتن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس مطابق گهر ڌڻي شڪايت ڪئي ته ٻئي عورتون خيرات وٺڻ بهاني گهر ۾ آيون جنهن بعد گهر ڀاتين تي ڪارو علم ڪري گهر مان چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون ان دوران گهر پهتس جنهن بعد مون پوليس کي اطلاع ڪيو. سڪرنڊ پوليس ٻنهي عورتن نوابشاهه واسڻ اختر ، صغري کي تحويل ۾ وٺي وومين پوليس نوابشاهه جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو