ڪاروبار ۾ نقصان تي مير رضا 5 کان 8 ڪروڙ روپين جو مقروض ٿيو: جاچ

ڪاروبار ۾ نقصان تي مير رضا 5 کان 8 ڪروڙ روپين جو مقروض ٿيو: جاچ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي جي رهواسي نوجوان مير رضا علي جي گلستان جوهر مان لاش ملڻ واري واقعي جي جاچ جاري آهي. تفتيشي عملدارن سي سي ٽي وي فوٽيجز به حاصل ڪيون آهن جن ۾ 28 جولاءِ جي وچين رات ساڍي 3 وڳي مير رضا علي کي بهادر آباد چورنگي تي واقع پنهنجي شاپ مان سيڪيورٽي گارڊ جو اسلحو کڻي ويندي ڏسي سگهجي ٿو. مير رضا پنهنجي گھر پهتو جتي هن پنهنجي گاڏي, اسمارٽ واچ، گھر جون چاٻيون ۽ 39 هزار روپيا گھر ڇڏيا ۽ آن لائن ٽيڪسي بڪ ڪرڻ کانپوءِ 4 وڄي 8 منٽن تي گھران گلستان جوهر روانو ٿيو. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج موجب سيڪيورٽي گارڊ جو پستول شاپ ۾ هڪ دڙاز ۾ موجود هو جنهن کي مير رضا ڪڍيو ۽ پاڻ سان گڏ کڻي ويو، مير رضا شاپ تان پنهنجي گاڏي ۾ گھر ڏانهن روانو ٿيو، مير رضا اڪيلو گلستان جوهر پهتو ۽ سي سي ٽي وي ۾ کيس گلستان جوهر ۾ اڪيلو سڙڪ تان گذرندي به ڏٺو ويو. مير رضا 4 وڄي 22 منٽن جي قريب جوهر موڙ هل ٽاپ جي ويجهو پنهنجو موبائل فون به بند ڪري ڇڏيو ۽ 4 وڄي 28 منٽن تي هو گلستان جوهر بلاڪ 2 ۾ ڊراپ ٿيو، مير رضا علي کي قتل ڪيو ويو يا هن خودڪشي ڪئي آهي ان حوالي سان تفتيش جاري آهي.

مير رضا ڊجيٽل ڪرنسي جو به ڪاروبار ڪري رهيو هو: تفتيشي ذريعا

تفتيشي ذريعن موجب مير رضا وافلڪس (Wafflix) سان گڏوگڏ ڊجيٽل ڪرنسي جو به ڪاروبار ڪري رهيو هو، هن ڊجيٽل ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي انويسٽمينٽ به ڪرائي رکي هئي، مير رضا انويسٽرن کي وقت به وقت منافعو به ادا ڪندو هو، ڊجيٽل ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ ڊسمبر 2025ع ۾ کيس نقصان ٿيڻ شروع ٿيو، اپريل ۾ کيس ڪاروبار ۾ وڏو نقصان ٿيو، ڪاروبار ۾ نقصان پورو ڪرڻ لاءِ مير رضا ماڻهن کان قرض گهرڻ شروع ڪيو، مير رضا مبينه طور تي تقريبن 5 کان 8 ڪروڙ روپين جو مقروض ٿي ويو، هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پنهنجي هڪ دوست کان 75 لک روپيا انويسٽمينٽ به ڪرائي پر کيس منافعو ادا نه ڪيو.

28 جولاءِ جي رات ساڍي 11 وڳي تائين مير رضا جي مڱيندي ساڻس رابطي ۾ هئي: تفتيشي ذريعا

تفتيشي ذريعن موجب پوليس مير رضا جي مڱيندي جو بيان به قلمبند ڪري ورتو آهي، تفتيشي ذريعن جو چوڻ آهي ته 28 جولاءِ جي رات ساڍي 11 وڳي تائين مير رضا جي مڱيندي ساڻس رابطي ۾ هئي، رات 3 وڳي جي قريب مير رضا جي مڱيندي ٻيهر رابطو ڪيو ۽ 20 منٽن ۾ 40 کان وڌيڪ ميسيجز ۽ ڪالز ڪيون، مڱيندي جي ڪالز ۽ ميسيجز تي مير رضا ڪو جواب نه ڏنو. تفتيشي ذريعن موجب مير رضا پنهنجا سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽس ختم ڪري ڇڏيا هئا ۽ گھران نڪرڻ کان اڳ والد جي اڪائونٽ ۾ ڍائي لک روپيا به منتقل ڪيا، مير رضا گھران نڪرندي پنهنجي شاپ جي سيڪيورٽي گارڊ جو 30 بور پستول به پاڻ سان کڻي نڪتو هو، پستول جو پائوچ پوليس کي جاءِ واردات تان ملي ويو آهي پر پستول اڃا تائين ناهي ملي سگهيو. تفتيشي ذريعن موجب جنهن جڳهه تان مير رضا علي جو لاش مليو هو اتي نصب سي سي ٽي وي جي اهم فوٽيج سامهون اچي وئي آهي، فوٽيج ۾ ڏٺو ويو ته 29 جولاءِ تي رات 3 وڄي 36 منٽن تي هڪ موٽرسائيڪل لاش ملڻ واري ويران جڳهه تي اچي بيهي ٿي ۽ تقريبن 22 سيڪنڊن تائين اتي موجود رهي ٿي جنهن کانپوءِ روانو ٿي وڃي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي شواهد مان شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مير رضا علي جو لاش 29 جولاءِ جي علي الصبح ان ئي جڳهه تي ڦٽو ڪيو ويو. تفتيشي عملدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدارن ممڪن طور تي لاش سان گڏ پستول جو هولسٽر (پائوچ) به موقعي تي ڦٽو ڪيو جيڪو ڪيس جي تفتيش ۾ اهم ثبوت ثابت ٿي سگهي ٿو. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ٻين شواهد جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته واقعي جي سمورن پهلوئن جو باريڪ بيني سان جائزو ورتو پيو وڃي.

مير رضا پنهنجو موبائل فون رستي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو: تفتيشي ذريعا

تفتيشي ذريعن ٻڌايو ته مير رضا پنهنجو موبائل فون رستي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو جيڪو يونيورسٽي روڊ تي ڪم ڪندڙ 3 مزدورن کي مليو هو، پوليس مزدورن کي ٽريس ڪيو ۽ موبائل فون برآمد ڪري ورتو، مير رضا علي کي قتل ڪيو ويو يا هن خودڪشي ڪئي، پوليس پنهنجي جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف نوجوان جي والدين جو چوڻ آهي ته مير رضا خودڪشي ناهي ڪئي پر کيس سوچيل سمجهيل منصوبي تحت بدترين تشدد ۽ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو