وفاقي وزيرن جي کاتن ۾ وڏي پيماني تي ردو بدل، نوٽيفڪيشن جاري

وفاقي وزيرن جي کاتن ۾ وڏي پيماني تي ردو بدل، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وفاقي حڪومت جمعي ڏينهن مختلف وزيرن جا قلمدان تبديل ڪندي ڪابينا ۾شامل ڪيل نون وزيرن جي کاتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب محسن نقوي گهرو کاتي جو وفاقي وزير ۽ طلال چوڌري مملڪتي وزير هوندو.حنيف عباسي کي ريلوي جو وفاقي وزير ۽ بلال اظهر ڪياني ريلوي جو مملڪتي وزير هوندو. مصطفيٰ ڪمال کي صحت جي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو سن کاتي جو مملڪتي وزير مختار احمد ملڪ هوندو. نوٽيفڪيشن موجب، خواجه آصف هاڻي صرف دفاع جي وزارت جو قلمدان برقرار رکندو، جڏهن ته اعظم نذير تارڙ کي قانون، انصاف ۽ انساني حقن جي وزارت سونپي وئي آهي. عبدالعليم خان کي مواصلات جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مصدق ملڪ پيٽروليم جي وزارت واپس وٺي موسمياتي تبديلي جي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. طارق فضل چوڌري کي پارلياماني معاملا، علي پرويز کي پيٽروليم جو قلمدان ڏنو ويو آهي. خالد مگسي کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، معين وٽو آبي وسيلا، محمد جنيد انور کي بحري معاملن، رضا حيات کي دفاعي پيداوار ۽ شازا فاطمه خواجه کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت ڏني وئي آهي. خالد مقبول صديقي جي تعليم ۽ تربيت جو کاتو برقرار رکيو ويو آهي، قيصر احمد شيخ کان ميري ٽائيم وزارت واپس وٺي کيس سيڙپڪاري بورڊ جو نئون قلمدان ڏنو ويو آهي. چوڌري سالڪ حسين اوورسيز اينڊ هيومن ريسورسز جو وفاقي وزير ۽ محمد عون ثقلصن مملڪتي وزير هوندو. رانا تنوير حسين فڊ سيڪورٽي جو وفاقي وزير ۽ ملڪ رشيد خان کي هن کاتي جو مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو آهي.  سردار محمد يوسف کي مذهبي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن جووفاقي ۽ کيئل داس مملڪتي وزير هوندا. رانا مبشر اقبال کي پبلڪ افيئرز يونٽ، اورنگزيب خان ڪچي کي قومي ثقافتي ورثي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. مملڪتي وزيرن مان مختار احمد ملڪ کي نيشنل هيلٿ سروسز، طلال چوڌري کي گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جو مملڪتي وزير ۽ وجيهه قمر کي وفاقي تعليم ۽ پيشه ورانه تربيت جو مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ملڪ رشيد احمد خان کي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ، عبدالرحمان ڪانجو کي پاور اينڊ پبلڪ افيئر يونٽ جو مملڪتي وزير، عقيل ملڪ کي قانون ۽ انصاف جو مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. محمد علي نجڪاري، توقير شاهه وزيراعظم آفيس ۽ پرويز خٽڪ گهرو معاملن  جا مشير هوندا.عطا تارڙ بدستور اطلاعات جو وزير رهندو. وزيراعظم جي 4 معاونن مان هارون اخترصنعت ۽ پيداوار، حزيفه رحمان قومي ورثو ۽ ثقافت، مبارڪ زيب قبائلي علائقا ۽ طلحه برڪي سياسي معاملن جا معاون هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو