اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ 5 آءِ پي پيز يعني نجي بجلي گهرن سان معاهدا ختم ڪري رهيا آهيون، جنهن سان عوام کي ساليانو 60 ارب رپين جو رليف ملندو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪابينا ٽاسڪ فورس جي سفارش تي 5 آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته 5 آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪرڻ سان قومي خزاني کي 411 ارب رپيا بچندا ۽ انهن آءِ پي پيز کي ملندڙ رقم تي ڪو به وياج نه ڏنو ويندو. وفاقي ڪابينا جي اعلان موجب جن آءِ پي پيز سان ڪيپسٽي پيمينٽ جي چارجز جا معاهدا ختم ڪيا ويا آهن انهن ۾ حبڪو، لال پير، صبا پاور، روش پاور ۽ ائٽلس پاور شامل آهن. اهو معلوم ناهي ته حڪومت کين ڪهڙيون متبادل سهولتون آڇيون آهن. حبڪو پاور پلانٽ رضا ڪاراني طورحڪومتي آفر قبول ڪرڻ جي منظوري به ڏني آهي. حبڪو سان معاهدو مارچ 2027 تائين هيو جيڪو پهرين آڪٽوبر کان ختم ٿي ويو. جڏهن ته روش پاور ’بلڊ-اون-آپريٽ اينڊ ٽرانسفر‘ معاهدي تحت قائم ٿيو هو. حڪومت کي ملڪيت جي منتقلي کانپوءِ ان کي نجڪاري ڪميشن طرفان پرائيويٽائيز ڪيو ويندو، جڏهن ته باقي 4 نجي بجلي گهر مالڪن وٽ رهندا. وزيراعظم چيو ته حڪومتي ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ کانپوءِ حڪومت طرفان ڪا به ادائيگي نه ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻين آءِ پي پيز سان معاهدن تي بتدريج نظرثاني ڪندي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي.










