ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 18 زخمي ٿي پيا، ڌماڪي جي ذميواري داعش قبول ڪري ورتي.پرڏيهي خابرو اداري موجب داعش دعويٰ ڪئي آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا آهن.پوليس ترجمان خالد زادران جو چوڻ آهي ته ڌماڪو مصروف علائقي ۾ ٿيو، جڏهن ته هڪ سينئر طالبان اڳواڻ جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڌماڪو سبزي جي دڪان ۾ نصب ڪيو ويو هو.طالبان اڳواڻ وڌيڪ چيو ته مارجي ويل ۽ زخمين جو انگ 50 کان وڌيڪ آهي.










