سانگهڙ (ن س )کپري ۾ قتل ٿيل نوجوان استاد بابر هنڱورجو جو مڙهه ٽن ڏينهن کانپوءِ سندس اباڻي ڳوٺ پپراتلي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ وارثن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مقتول استاد جي وارثن الزام هنيو ته بااثر ماڻهن پوليس جي مدد سان علائقي جو ماحول تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته شهيد بابر هنڱورجو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.










