کير ۽ انٽرنيٽ تان ٽيڪس ختم، موبائيل ڪال تي لاڳو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي کاتي جي وفاقي وزير شوڪت ترين بجٽ تي بحث سميٽيندي چيو آهي ته انٽر نيٽ تان ٽيڪس ختم ڪئي وئي آهي پر موبائيل فون تي 5 منٽن کان وڌيڪ ڳالهائڻ تي 75 پئسا ٽئڪس لڳائي ويندي.10 منٽ جي ڪال تي ڏيڍ روپيو ٽيڪس هوندي. هن  چيو ته انٽرنيٽ ۽ ايس ايم ايس تي ڪوبه ٽئڪس نه لڳايو ويندو، ناڻي جي وفاقي وزير شوڪت ترين قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران چيو آهي ته کاڄرو شين تي لاڳو ٽئڪسز گهٽائي ڇڏيا آهن، کير ۽ ڏهي سوڌو ڊيري صنعت تي لاڳو ٽئڪسز واپس ورتا پيا وڃن، اٽي ۽ اُن مان تيار ٿيندڙ شين تي ڪوبه ٽئڪس ناهي لڳايو، سون ۽ چاندي تي ٽئڪس 17 سيڪڙو مان گهٽائي هڪ کان 3 سيڪڙو تي آندو آهي، سون تي 17 سيڪڙو ويليو ايڊڊ ٽئڪس لاڳو رهندو، هاڻي هڪ هزار سي سي تائين گاڏي تي لاڳو ٽئڪسز گهٽايا ويندا، ڊسڪائونٽ ريٽ 13 سيڪڙو ڪري ڇڏيو، بجيٽ ۾ 12 وِد هولڊنگ ٽئڪسز به ختم ڪيا پيا وڃن.هن چيو ته ننڍي ڪاروبار لاءَ بنا وياج جي 5 لک قرض ملندو، حارين کي هر سال 3 لک بنا وياج قرض ملندو. پولٽري ۽ چوپائي مال جي فيڊ تان ود هولڊنگ ٽيڪس 17 سيڪڙو مان گهٽائي 10 سيڪڙو ڪريون پيا.هن چيو ته ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن کي  ٽيڪس ڏيڻ گهرجي جيڪي نٿا ڏين، انهن خلاف ٿرڊ پارٽي آدٽ بعد ڪاروائي ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو