کوسڪي مائنر کي 30 فوٽ گهارو،فصل ٻڏي ويا

کوسڪي مائنر کي 30 فوٽ گهارو،فصل ٻڏي ويا

ڪشمور(ن س)ڪشمور ۾ آبپاشي عملدارن جي ڪرپشن ۽ ناقص ڪارڪردگي سبب کوسڪي مائنر کي 30 فوٽ گهارو پئجي ويو آبپاشي عملدار منظر تان غائب بڻيل آهن جڏهن لڳل گهاري جو پاڻي ڀرپاسي ڳوٺاڻن جي ايڪڙ زمينن ۾ ڪاھي پيو آهي سوين ايڪڙن کان وڌيڪ زمين پاڻي ھيٺ اچي وئي آهي ئي ساريالي فصل جي پوکائي لاءِ ڳوٺاڻن طرفان پوکيل ٻيجارو پڻ ٻڏي ويو آهي متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته کوسڪي مائنر جي انجنيئر اظهر ڀٽو جي ناقص ڪارڪردگي سبب مائنر ٽٽي پيو آهي کوسڪي مائنر جو آبپاشي انجنيئر اظهر ڀٽو گھاري لڳڻ جي اطلاع باوجود ناهي پھتو آبپاشي عملدار ڊيوٽي تي اچڻ بدران پنهنجي گهرن تائين محدود بڻيل آهن گھاري جو پاڻي گھرن طرف وڌي رهيو آهي، ڳوٺاڻن الزام لڳائيندي چيو ته کوسڪي مائنر جي پچنگ جو ڪم نه ٿيڻ ڪري گھارو لڳو آهي ۽ کوسڪي مائنر ھنڌان ھنڌان ٽٽي رهيو آهي ۽ مختلف ھنڌن تان روڻيون پئجي رهيون آهن انجنيئر اظهر ڀٽو کوسڪي مائنر سميت آبپاشي کاتي ۾ وقتن بوقتن پچنگ ۽ واھن جي پلن جا ٽينڊر ڪرائ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي جڏهن ته کوسڪي مائنر سميت واھن جي پچنگ جو ڪم نه ٿي سگهيو آهي آبپاشي کاتو ۽ وزير اعليٰ سنڌ نوٽس وٺي ملوث آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کوسڪي مائنر جو لڳل گهارو بند ڪرايو وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو