ٽنڊومستي (رپورٽ نادر علي اڄڻ) سنڌ مان کنڀي گم ڪيل 70 کان وڌيڪ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب کان راولپنڊي لاءِ نڪتل سنڌ سڀا جو لانگ مارچ قافلو ٽنڊومستي پهتو. جتي سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن سندن ڀرپور استقبال ڪندي ساڻن اظهار يڪجهتي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ کنڀيل ماڻهن جي وارثن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ پنهنجن پيارن جي آزادي جو مطالبو ڪيو. سنڌ سڀا اڳواڻن انعام عباسي، نور باگڙي، سنڌو امان چانڊيو، شازيا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ کنڀي گم ڪيل سنڌين جي آزاديءَ لاءِ ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ پيادل مارچ قافلي جناح باغ اڳيان هڪ ڏينهن لاءِ ڌرڻو هنيو ڌرڻي ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي سياسي سماجي اڳواڻن ڪامريڊ حبيب ؛ذوالفقار فقير ؛ سميت ٽنڊومسي واسين شرڪت ڪري گرفتار ڪري گم ڪيل سنڌين جي آزادي جو مطالبو ڪيو سنڌ سڀا جي جنرل سيڪريٽري نور باگڙي خطاب ڪندي چيو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي لسٽ ۾ ايوب ڪانڌڙو؛ عاقب چانڊيو، انصاف دايو، مرتضي جوڻيجو، فراز ۽ شيراز سومرو، نديم مگسي، نويد مگسي، فريد مگسي، ڪاشف ٽڳڙ سميت 70 کان وڌيڪ نوجوان کنڀيل آهن سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس کنڀيندڙن جي ساٿاري بڻيل آهي، اسان جو هي احتجاج کنڀيندڙن سان گڏ پنهنجي خاموش ٿي ويل قوم، قومي ۽ جمهوري پارٽين خلاف به آهي جيڪي کنڀڻ واري غيرقانوني عمل تي پنهنجا چپ سبي ويٺل آهن احتجاجي ريلي ۾ موجود کنڀي گم ڪيل عاقب چانڊيو جي امڙ مختيار بيگم ۽ شازيا چانڊيو چيو ته عاقب اسان سڀني جو سهارو آھي اسان جي جگر جو ٽڪرو آھي جنهن جي آزادي لاءِ روڊن تي نڪري پيا آهيون، عاقب کي آزاد ڪيو وڃي کنڀي گم ڪيل ايوب ڪانڌڙو جي نياڻين ماروي ايوب، امام خاتون ۽ ڀيڻ حسينا خاتون ۽ پٽ ساجد ايوب چيو ته ڪيترن ئي سالن کان احتجاج پيا ڪيون پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اسان جي پياري جو ڪو ڏوھ آهي ته اهو ٻڌايو وڃي يا کيس آزاد ڪيو وڃي؛ ڪيترن ئي سالن کان کنڀي گم ڪيل انصاف دايو جي ڀينرن اقصي ۽ افسانا دايو جو چوڻ هيو ته اسان هر روز پنهنجي ڀاءُ جي آزادي لاءِ دعائن سان گڏ احتجاج ڪيون ٿا پر اسان جون پڪارون ڪنهن جي ڪنن تي نه ٿيون پهچن، ڀاءُ جي آزادي تائين احتجاج جاري رهندو؛ کنڀيل فراز ۽ شيراز سومرو جي امڙ چيو ته سڌريل ملڪن ۾ رياست کي ماءُ جو درجو مليل آهي پر هن رياست مون ماءُ کي پيريء ۾ ٻچڙن جي جبري گمشدگي جا وڍ ڏنا آهن؛ کنڀي گم ڪيل ڊاڪٽر فتح محمد کوسي جي پٽ نصيب کوسي، کنڀيل فرحان مڱڻيجو جي ڀاءُ امتياز مڱڻيجو، لالا عمران سنڌي جي ڀاءُ عرفان چاچڙ؛ کنڀيل شڪيل مگسي ۽ آفاق منگي جي وارثن ۽ قافلي جي پانڌيئڙن اصغر جمالي، اي ڊي راهمون، فرمان سهتو، شبير لغاري، ديوان سنڌي، عطاءُ الله سنڌي, ممتاز پنهور ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته راولپنڊي تائين پهچڻ کان اڳ اسان پنهنجي قوم اڳيان جبري گمشدگين جو ڪيس رکي وڃون ٿا، راولپنڊي پهچي پنهنجن پيارن جي آزادي تائين لڳاتار ڌرڻو هڻنداسين، جيڪو پيارن جي آزادي تائين جاري رهندو.










