کنڀيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڪيمپ قائم

کنڀيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڪيمپ قائم

شهدادڪوٽ (ڊ ر )سنڌ سڀا پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاء احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، شهدادڪوٽ ۾ سنڌ سڀا پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن سميت سنڌي ماڻهن جي بازيابي لاء انعام سنڌي، عبدالجبار هڪڙو، مير مرتضي کوسو، ساجد ايوب ڪانڌڙو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي انعام سنڌي  ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته آء جي سنڌ جي رپورٽ مطابق سنڌ مان ٽي سو سنڌي ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا آهن جن جا وارث اڄ به پريشان آهن ، هنن چيو ته اگر گم ڪيل ماڻهن جو ڪو ڏوه آهي ته انهن کي ملڪ جي ڪورٽن ۾ پيش ڪري سزا ثابت ڪري ڪورٽ ذريعي سزا ڏياري وڃي، هنن چيو ته شهدادڪوٽ مان 5 سال اڳ سهيل رضا ڀٽي ۽ قمبر مان ڪجھ وقت اڳ ستار هڪڙو کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي هنن چيو ته گم ٿيل ماڻهن کي ظاهر ڪري عدالتن ۾ پيش ڪري گم ڪيل ماڻهن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو