اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار خميس ڏينهن ڀارت کي چئلينج ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت وٽ والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ خوني حملي ۾ پاڪستان جي مبينا مداخلت جا ثبوت موجود آهن ته اهي پيش ڪري. نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي، ڊار چيو: “ڀارت بار بار الزام تراشي ڪئي آهي. جيڪڏهن ڀارت وٽ پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا ثبوت آهن ته اهي اسان سان ۽ سڄي دنيا سان شيئر ڪري.” هي حملو والاريل ڪشمير جي سياحتي ماڳ پهلگام ۾ اڱاري تي ٿيو، جتي هر اونهاري ۾ هزارين سياح اچن ٿا. هٿياربندن سياحن تي فائرنگ ڪري، گهٽ ۾ گهٽ 26 ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا هئا. جن مان سڀ ڀارتي هئا، سواءِ هڪ نيپالي شهري جي ۽ 17 زخمي ٿيا هئا. هن علائقي ۾سن 2000 کان وٺي عام شهرين تي سڀ کان خونخوار حملو هو. هڪ اڻڄاتل گروپ، جنهن کي ڪيترن ئي ڀارتي ميڊيا ادارن “دي ريزسٽنس فرنٽ” سڏيو آهي، حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي. هڪ ڏينهن اڳ، ڀارت سرحدون بند ڪري ڇڏيون، سفارتي لاڳاپا گهٽايا ۽ پهريون ڀيرو، سنڌ طاس معاهدي کي يڪطرفو معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو ڀارتي حڪومت ۽ ميڊيا دعويٰ ڪري رهيا هئا ته پاڪستان جي “سرحد پار دهشتگردي سان لاڳاپيل” هو، جيتوڻيڪ ان جو ڪو به مخصوص ثبوت پيش نه ڪيو ويو. ڊار پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾فيصلا پڙهي ٻڌايا ۽ چيو ته پاڪستان به ڀارت جي اعلانن جو جواب ڏنو آهي. سندس ڀرسان بچاءَ وارو وزير خواجا آصف، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، اطلاعات وارو وزير عطا تارڙ ۽ اٽارني جنرل منصور اعواڻ موجود هئا. ڊار چيو ته پاڪستان ڪجهه “پرڏيهي شهرين” جي سري نگر اچڻ جو نوٽيس ورتو آهي، جيڪي خفيه ادارن جي نگراني هيٺ آهن. “اسان ڄاڻون ٿا ته ڀارتي انٽيليجنس انهن جي مدد ڪري رهي آهي ۽ اهي پرڏيهي ماڻهو IEDs (ڌماڪيدار اوزار) برآمد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. توهان اندازو لڳايو ته اهي ڪٿي کڻي وڃڻ چاهين ٿا،” هن چيو، ۽ اهو پڻ چيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون هر چئلينج جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. “اسان دفاع لاءِ مڪمل تيار آهيون. جيڪڏهن ڪو ڀارتي مهم جو ارادو ڪري ٿو ته ماضيءَ وانگر ناڪام ٿيندو، پر هن ڀيري ان لاءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون.” خواجا آصف چيو ته، جيتوڻيڪ ڀارت سڌيءَ ريت پاڪستان جو نالو نه ورتو آهي، پر ڀارتي ميڊيا ۽ ٻين ڌرين پاڪستان تي الزام مڙهيو آهي. “نريندر مودي ئي واحد عالمي اڳواڻ آهي، جنهن کي آمريڪا پاران ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو، ۽ اهو به دهشتگردي جي بنياد تي.” “اسان هن حملي جي واضع طور مذمت ڪريون ٿا. پاڪستان دنيا ۾ هر هنڌ ٿيندڙ دهشتگردي جي بنا ڪنهن هٻڪ جي مخالفت ڪري ٿو، ان ۾ ڀارت به شامل آهي.” هن چيو ته بنا ڪنهن هٻڪ جي، پاڪستان دنيا ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي. “پاڪستان ۾، خاص طور تي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾، دهشتگردي عام ٿي چڪي آهي،” آصف چيو، ۽ الزام هنيو ته پابندي يافته دهشتگرد تنظيمون جهڙوڪ تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) ۽ بلوچستان لبريشن آرمي (BLA) جا اڳواڻ ڀارت ۾ موجود آهن ۽ اتي علاج ڪرائي رهيا آهن. “هي ڪا قياس آرائي نه آهي، پر پڪ سان ثابتيون آهن.” آصف چيو ته پاڪستان ڏانهن دهشتگردي برآمد ٿي رهي آهي، ۽ افغانستان مان يا بلوچستان ۾ جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن، انهن ۾ ڀارت جي واضع نشانيون نظر اچن ٿيون. “ڀارت، رياستي سطح تي، دهشتگردي ڪئناڊا ۽ آمريڪا ڏانهن به موڪلي آهي، جتي سندن حڪومتن به احتجاج ڪيو آهي. شڪر آهي ته پاڪستان تي اهڙا الزام نه آهن.” هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت پهلگام واقعي جي پسمنظر ۾ پاڪستان تي سرڪاري طور الزام هنيو ته “جواب سخت ملندو.” “ان ۾ نه ڀارت کي شڪ هجڻ کپي، نه ئي عالمي برادري کي. پاڪستان کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آهي.” هن ڀارتي شهري ڪلبھوشن جادھو جو حوالو ڏيندي چيو ته گذريل 15-20 سالن ۾ ڪيترن ئي واقعن مان ثابتيون مليون آهن ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهي. “ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي جهڙا گروپ ڀارت جا پراڪسي آهن، جيڪي پاڪستان خلاف جنگ ڪري رهيا آهن. ڀارت اڳ ئي اسان خلاف دهشتگردن جي ذريعي گهٽ شدت واري جنگ وڙهي رهيو آهي.” “جيڪڏهن هو هن جي شدت وڌائڻ چاهين ٿا، ته اسين تيار آهيون. اسان پنهنجي ملڪ ۽ سلامتي بابت بين الاقوامي دٻاءُ ۾ نه اينداسين.” آصف چيو ته جيڪڏهن ڀارت جي پروپيگنڊا جاري رهي ته پاڪستان جي قومي اتحاد جو مظاهرو بين الاقوامي سطح تي نظر ايندو، “۽ ڀارت کي به خبر پئجي ويندي ته اسين ڪيئن جواب ڏيون ٿا.” قانوني معاملن تي ڳالهائيندي، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، جيڪو انڊس واٽر ٽريٽي تي ڪم ڪندڙ ٽيم جو سرگرم ميمبر آهي، چيو ته سنڌ طاس معاهدو معطل نٿو ٿي سگهي ۽ ان کي هڪطرفي طور ختم ڪرڻ جو ڪو به اختيار ڪنهن کي ناهي. “جيڪڏهن معاهدو ختم ڪرڻو آهي ته ٻنهي ملڪن جي راضپي سان ئي ٿي سگهي ٿو” . “جيستائين ڀارتي بيان جو تعلق آهي، اڃا تائين اهو صرف بيان ئي آهي، پر جيڪڏهن صورتحال وڌي، ته پاڪستان وٽ سڀ قانوني حق موجود آهن. اسان هر لاڳاپيل فورم تي پنهنجو ڪيس پيش ڪنداسين.” اسحاق ڊار چيو ته جڏهن ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽري بيان ڏنو، تڏهن پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ موجود چارج ڊي ايفيئرز کي طلب ڪري احتجاجي نوٽ ڏنو ويو. “ان نوٽ ۾ سڀ ڳالهيون لکيون ويون آهن، پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انڊس واٽر ٽريٽي جو ڪو ذڪر ناهي.” ڊار چيو ته پرڏيهي آفيس ڀارتي اختيارين کي طلب ڪري NSC جا فيصلا کين لکت ۾ ڏيندي. “هن صورتحال کي ڏسندي، منهنجون بنگلاديش ۽ ڪابل جي دورن کي ملتوي ڪيو ويو آهي، ته جيئن اسان سفارتي جواب جي تياري ڪري سگهون.” قانون واري وزير چيو ته سنڌ طاس معاهدي ۾ معطلي جي ڪا به شق موجود ناهي. هن چيو ته ڀارت کي پنهنجي ناڪاميءَ جو الزام پاڪستان تي نه ڏيڻ گهرجي ۽ بغير ڪنهن قابل قبول ثبوت جي ذميواري کان نه ڀڄڻ گهرجي. ٻئي طرف، اطلاعات واري وزير ڀارتي ردعمل کي “ٻاراڻو ۽ غير سنجيده” قرار ڏنو. “قانوني طور، انهن دستاويز پڙهيا ئي نه آهن، نه ئي انهن قانوني بنيادن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،” هن چيو، ۽ ٻڌايو ته ڀارت جون ڌمڪيون بي بنياد آهن. “سڄي دنيا کي صاف ڄاڻ آهي ته ڀارت دهشتگردي کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.” “اسين دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن رياست آهيون. توهان بي نقاب ٿي چڪا آهيو. سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته توهان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيا آهيو ۽ هاڻ ان کي پنهنجي سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهيو.”










