ڏکڻ وزيرستان ۾ حملو ناڪام بڻائڻ تي فورسز کي خراجِ پيش

ڏکڻ وزيرستان ۾ حملو ناڪام بڻائڻ تي فورسز کي خراجِ پيش

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ ۽ 4 خوارجي دهشتگردن کي مارائي ڪڍڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيڪ پوسٽ تي ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنہ الخوارج جي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيورانه مهارت، غير معمولي جرات ۽ بروقت ڪارروائي جي شاندار لفظن ۾ ساراهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جي بهادر جوانن دشمن جي ناپاڪ عزائمن کي خاڪ ۾ ملائي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته پاڪستان جي سلامتي تي ڪنهن به قسم جي آنچ اچڻ نه ڏني ويندي. هن چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر فوج ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي پٺيان شاني بشانو بيٺي آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪي سلامتي لاءِ شروع ڪيل آپريشن ”عزمِ استحڪام“ تحت ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجيون ڪارروائيون پوري قوت سان جاري رکنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو