ڏکڻ سنڌ ۾ ٿوري دير بعد برسات جو الرٽ جاري

ڏکڻ سنڌ ۾ ٿوري دير بعد برسات جو الرٽ جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ چند ڪلاڪن ۾ ڏکڻ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهن.
الرٽ موجب، مٺي، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ، سانگهڙ، بدين ۽ ميرپور خاص ۽ ان جي آسپاس برسات جو امڪان آهي. رات 8 وڄي 40 منٽن تي جاري الرٽ ۾ عوام ۽ واسطيدار انتظاميا کي جوڳا اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو